My WordPress Blog

نوازشريف، آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه گاڏين جو ڪيس، ٻڌڻي 7 مئي تائين ملتوي

0

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت صدر آصف علي زرداري، اڳوڻن وزيراعظمن ميان نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني سميت ٻين خلاف توشه خانه گاڏين جي ريفرنس تي ٻڌڻي 7 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، اڳوڻن وزيراعظمن نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني سميت ٻين جي خلاف توشه خانه گاڏين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ نيب طرفان ميان نوازشريف جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي. گذريل ٻڌڻي تي نيب جاچ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي لاءِ وقت گهريو هو. نوازشريف طرفان سندس وڪيل رانا محمد عرفان احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. صدر آصف علي زرداري، انور مجيد طرفان ارشد تبريز ايڊووڪيٽ عدالت جي آڏو پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ارشد تبريز ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته پنج سالن جي لاءِ آصف علي زرداري کي صدارتي ڇوٽ حاصل آهي، شريڪ جوابدارن تي الزام آهي ته انهن شوگرمل جي اڪائونٽ مان رقم اماڻي، شريڪ جوابدارن عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد تي به ڪيس نٿو هلي سگهي. جج ناصر جاويد رانا ريمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تي انهي ڪيس کي ڏسنداسين جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 7 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته 19 مارچ تي اسلام آباد جي احتساب عدالت صدر آصف علي زرداري، اڳوڻن وزيراعظمن نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني سميت ٻين جوابدارن جي خلاف توشه خانه مان قيمتي گاڏيون ۽ تحفا وصول ڪرڻ بابت ريفرنس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي احتساب بيورو(نيب) کان رپورٽ طلب ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.