لاهور: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته صنم جاويد ۽ عاليه حمزه ملڪ کي مريم نواز جي حڪم تي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته هڪ سال کان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي ظلم ۽ زيادتين ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي آئي. هڪ سال کان سوين بي گناهه ڪارڪن جيلن ۾ قيد آهن. هن چيو ته عاليه حمزه ملڪ ۽ صنم جاويد کي ٽارگيٽ ڪري زيادتي ڪئي پئي وڃي. ان جي پاڪستان جي تاريخ ۾ مثال نٿي ملي. گذريل 15 ڏينهن کان مريم نواز جي حڪم تي صنم جاويد ۽ عاليه حمزه ملڪ کي سرگودها جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي. انساني عقل دنگ رهجي وڃي ٿي ان تي لاهور سميت ڪيترن شهرن ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ته عاليه حمزه ملڪ ۽ صنم جاويد هڪ ئي وقت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي. ياسمين راشد چيو ته پنجاب پوليس ڪيستائين ڪوڙ ڳالهائيندي رهندي؟ پاڪستان جي باشعور عوام انهي ظلم جو جواب صرف پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ڏئي سگهي ٿي. مان لاهور سميت پنجاب جي باشعور عوام کان اپيل ڪريان ٿي ته هو 21 اپريل تي پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪرن. تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪونسل جي حمايت يافته اميدوارن کي تاريخي فتح ڏيارينداسين. عوام پنهنجي ووٽن جي پاڻ حفاظت ڪري. عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هڻندڙ نااهل حڪمرانن جو عوام گهيراءُ ڪري.