اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) توشه خانه گاڏين جي ريفرنس ۾ نيب اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف کي جاچ ۾ ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي. نيب احتساب عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت کي اختيار آهي ته اها نوازشريف کي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏي. جمع ڪرايل رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽ بابت ريفرنس جي هدايت ڪئي هئي. نوازشريف گاڏي جي رقم جعلي بينڪ اڪائونٽ مان ادا نه ڪئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته 2008 ۾ ان وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني نوازشريف کي گاڏي خريد ڪرڻ جي آفر ڪئي جنهن تي نواز شريف گاڏي توشه خانه مان نه وفاقي ٽرانسپورٽ پول مان خريد ڪئي هئي جڏهن ته نوازشريف گاڏي جي قيمت جعلي بينڪ اڪائونٽ مان ادا نه ڪئي. رپورٽ موجب نوازشريف تحفي ۾ مليل گاڏي کي توشه خانه ۾ جمع ڪرايو ۽ خريداري وقت گاڏي توشه خانه جو حصو نه هئي. نيب اختيارين رپورٽ ۾ چيو ته احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي توشه خانه ريفرنس مان بري قرار ڏئي سگهي ٿي.