My WordPress Blog

سافڪو طرفان عيد ملن پارٽي ۽ باني، سي اِي او سليمان جي ابڙو جي سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي

0

حيدرآباد: (ويب ڊيسڪ) سافڪو طرفان عيد ملن پارٽي ۽ پنهنجي باني ۽ سي اِي او سليمان جي ابڙو جي سالگرهه تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته سليمان جي ابڙو گھڻ رخي ۽ اداراساز شخصيت جو مالڪ آهي، هن نه رڳو سماجي ڪمن ۾ پاڻ مڃايو آهي، پر معاشي طور به هزارين ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. حيدرآباد ڪلب ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ مختلف سماجي تنظيمن ۽ بئنڪن ۽ جي اعليٰ عملدارن، اديبن، صحافين ۽ دانشورن شرڪت ڪئي ۽ سليمان جي ابڙو کي لونگي، اجرڪ، گلدستا ۽ ٻيا تحفا پيش ڪيا.  تقريب کي خطاب ڪندي سليمان جي ابڙو سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان ماڻهن جي عزت ۽ احترام ۽ قدردانيءَ سان پنهنجي ڪمن کي اڳتي وڌايو آهي، اسان کي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ اڃا به وڌ کان وڌ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون عيد کان هڪ ڏينهن اڳ هڪ بين الاقوامي اداري جي رپورٽ پڙهي ته ”دنيا ۾ اڄ 80 ملين ماڻهو بک تي سُتا هوندا، انهن رات جي ماني نه کاڌي هوندي.“ سليمان جي ابڙو چيو ته انهن ماڻهن ۾ سنڌ سميت پاڪستان جا ماڻهو به شامل هوندا. نه رڳو بُک پر ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن، جيڪي اسان سڀني جي دل کي ڏکائيندا رهن ٿا. هن چيو ته اسان سڀ وس ۽ صلاحيتن آهر پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻاري رهيا آهيون. اسان تي لازم آهي ته ماڻهن کي اسان جي علم، سوچ ۽ فڪر مان جيڪا توقع آهي ان مطابق سندن زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي آڻڻ ۽ بهتري پيدا ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪريون. سليمان جي ابڙو چيو ته توهان مون کي جيڪو مانُ ڏنو آهي ان سان منهنجي همٿ اڃا به وڌي آهي. اسان هڪ ڳوٺ کان شروعات ڪئي هئي، هاڻي سنڌ، پاڪستان نه پر عالمي سطح تي پنهنجي اداري کي مڃائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ يقين آهي ته اسان پنهنجي منزل ضرور ماڻينداسين. ان کان اڳ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته سليمان جي ابڙو جي شخصيت جا نه رڳو سماجي، ترقياتي، انسان دوستيءَ وارا پاسا آهن، پر هن جو سگھارو پاسو ليکڪ وارو به آهي. سندس جدوجهد سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ مثال آهي. سليمان جي ابڙو اقوام متحده جي جٽادار ترقيءَ وارن حدفن کان به گھڻو اڳ 1980ع واري ڏهاڪي کان ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي ته غربت ڪيئن ختم ڪجي، ماڻهن کي پاڻڀرو ڪري ترقي ڪيئن وٺرائجي، پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائڻ ۽ اڳتي وڌڻ ڪيئن سيکارجي. جنهن لاءِ هن 1986ع ۾ هڪ تنظيم جو بنياد وڌو، ماڻهن کي منظم ڪري هزارين ڳوٺن کي ’ڳوٺ آباد اسڪيم‘ تحت رجسٽرڊ ڪرايو، ته جيئن رجسٽريشن سبب رياست انهن کي تعليم، صحت، بجلي وغيره ڏيڻ لاءِ پابند ٿئي. اهو جو وڏو ڪارنامو آهي، جيڪو اهڙي وقت هيو جڏهن اڪثر ماڻهن کي به خبر نه هوندي هئي ته ’اين جي او‘ ڇا کي چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر ڪنڀر چيو ته سليمان جي ابڙو 1992ع ۾ ماڻهن جي گذر سفر کي بهتر ڪرڻ ۽ ننڍن ڪاروبارن ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ڪم ڪيو ۽ پوءِ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن قائم ڪئي، وري ايگري بزنس رورل فنانس جو ادارو قائم ڪيو، ان بعد سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني قائم ٿي آهي، جيڪا پنج سال گذرڻ بعد روايتي بئنڪ جي صورت اختيار ڪندي. اها ان فرد جي ڪاميابي آهي جيڪو هيٺان کان مٿي اڀري آيو آهي. سليمان جي ابڙو جو اهو به عزم آهي ته سنڌ ۾ زرعي صنعتي انقلاب آندو وڃي، ننڍيون ننڍيون زرعي صنعتون قائم ڪيون وڃن ته جيئن ماڻهن کي روزگار ملي. هن جو ويزن آهي ته ”معيار ۽ رسدي تسلسل بهتر ڪرڻ ذريعي زرعي شين جو قدر وڌائڻ سان سنڌ جو ڪو به ماڻهو بکيو نٿو رهي سگھي.“ ۽ حقيقي ليڊر ئي دنيا ۽ قومن کي اهڙا تصور ڏيندا آهن، جن تي هلي اهي قومون پنهنجا حدف حاصل ڪنديون ۽ منزلون ماڻينديون آهن. تقريب کي خطاب ڪندي سيد سجاد علي شاهه چيو ته اسان سڀئي سليمان جي ابڙو جا مددگار آهيون، سندس رهنمائيءَ سان ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن سندن زندگيءَ جو معيار مٿاهون ٿي سگھي ۽ اهي ترقيءَ جي ڌارا ۾ داخل ٿي سگھن. عباس کوسي چيو ته سليمان جي ابڙو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي گل پوکيا انهن جي خوشبو ٻين ننڍن ادارن جي صورت ۾ به هر جاءِ تي ڦهليل آهي. سنڌ جي محسنن کي انهن جي زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ هيءَ تقريب بهترين قدم آهي. تقريب کي زيب النساءِ ملاح، علينا ماريا، بشريٰ، سبين جاويد، شوڪت ابراهيم ابڙو، اقبال ميمڻ، رفيق عيساڻي، رئوف چانڊيو، مخدوم شهزاد، مُکي مهيش، خليق بلوچ، فرحان ميمڻ  پروفيسر شمشاد، رميز اقبال، حميد ملاح، غفار ڇڇر، آزاد ميرواهي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته بشير احمد ابڙو شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.