My WordPress Blog

ڪوٽڙي: ڪالهه افطاري وقت پراسرار نموني گم ٿيل نينگري جو لاش هٿ، وارثن قتل جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

0

ڪوٽڙي:(ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينھن افطاري وقت پرسرار نموني گم ٿيل معصوم نياڻي جو  علائقي جي بند پيل گھر مان لاش ھٿ آيو آهي جنهن کان پوءِ وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ڪوٽڙي جي معمود شاھ ڪالوني واري علائقي مان گذريل ڏينھن افطاري وقت پرسرار نموني گم ٿيل معصوم نياڻي آسيا ڌي لياقت علي ھزارا جو لاش علائقي جي ھڪ بند پيل بنا در درين واري گھر مان ھٿ آيو آھي اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ويا آھن. معصوم نياڻي جي پيءُ لياقت علي موجب گذريل ڏينھن افطاري جي وقت منھنجي نياڻي پرسرار نموني گم ٿي ھئي جنھن جو اڄ لاش مليو آھي وڏو ظلم ٿيو آھي خدشو آھي ته کيس قتل ڪيو ويو آھي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.