ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سياحت،ثقافت، ماڳن ۽ آرڪائيز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه سان آمريڪي ڊپلوميٽڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾آمريڪي وفد سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ آمريڪي وفد سنڌ جي سياحتي، ثقافتي ۽ آرڪيالاجي سائيٽس بابت ڄاڻ ورتي. ملاقات ۾ سياحتي سيڪٽر کي گڏيل طور تي هٿي ڏيڻ وارين تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويو. ايم ڊي ايس ڊي ڊي سي فياض شاهه، ڊائريڪٽر آرڪيالاجي اينڊ اينٽيڪيوٽيز فتاح شيخ آمريڪي وفد کي تفصيل فراهم ڪيا. سياحت، ثقافت، ماڳن ۽ آرڪائيز واري صوبائي وزير ذوالفقار شاهه وفد کي چيو ته سنڌ ۾ آمريڪي سياحن لاءِ پرامن ۽ 170 بهترين سياحتي هنڌ موجود آهن، ان چاهيون ٿا ته ٻئي ملڪ گڏجي سياحتي سرگرمين ۾ وڌيڪ بهتر سهڪار سان گڏ اڳتي وڌائين. هن چيو ته سياحتي ماڳن تي ٽوئرزم پوليس ۽ صحت جون سهولتون شروع ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ کي سياحن لاءِ کولڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطا ڪري رهيا آهيون.