My WordPress Blog

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جو اڏاوتي ڪم جاري آهي: وڏو وزير

0

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڊونر ايجنسين جي مدد ڪئي، گهرن جي اڏاوتن جو ڪم جاري آهي، ٻوڏ سبب متاثر انفرا اسٽرڪچر جي تعمير به تيزي سان جاري آهي، هو ٻوڏ سبب متاثر اسڪولن جي عمارتن جي اڏاوت جو ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت هارين کي سهولتون ڏئي ڪري زرعي معيشيت بهتر ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان جرمني جي قونصل جنرل روڊيگر لوٽز ملاقات ڪئي آهي. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، جرمن قونصل جنرل، وڏي وزير کي ٽيون ڀيرو چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني. اجلاس ۾ سيڪريٽري سيڙپڪاري مريد راهمون به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت ڳالهيون ڪيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڊونر ايجنسين جي مدد ڪئي، گهرن جي اڏاوتن جو ڪم جاري آهي. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ سبب متاثر انفرا اسٽرڪچر جي تعمير به تيزي سان جاري آهي، هو ٻوڏ سبب متاثر اسڪولن جي عمارتن جي اڏاوت جو ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هارين کي سهولتون ڏئي ڪري زرعي معيشيت بهتر ڪرڻ چاهي ٿي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.