بدين: ڀيڻ ڀاءُ هٿان مبينا طور بدترين تشدد ۽ جنسي زيادتي بعد قتل ڪري قبرستان ۾ ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ واري واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڇڏيو
بدين: (ويب ڊيسڪ ) بدين لڳ شادي شده ناري سان مبينا طور اجتماعي لڄالٽ بعد قتل ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ واري واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڇڏيو. لواري شريف سان تعلق رکندڙ 35 ورهين انا انڙ سان اجتماعي لڄالٽ بعد کيس قتل ڪري ڳوھ ڳجھ ۾ لنواري شريف ۾ دفن ڪرڻ واريون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي بدين شيراز نظير نوٽيس ورتو آھي. ايس ايس پي بدين شيراز نظير جي ترجمان موجب ته ايس ايس پي بدين چيو آھي ته واقعي بابت متعلقه ڪورٽ کي خط لکي فوتڻ انا انڙ جي قبر ڪشائي بعد سندس ميڊيڪل ڪرايو ويندو. ھن چيو آھي ته ھن واقعي جي غير جانبدارنا جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.