شڪارپور: (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ڀرسان ڳڙهي ياسين ۾ مهر مارفاڻي تڪرارن تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان رياض مهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. مارفاڻي برادري جي هٿياربندن هلندڙ تڪرار تان ڳوٺ ٻانڀيئڙ ۾ حملو ڪري 35 ورهين جي نوجوان رياض پٽ صيفل مهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين خدابخش پنهور پوليس اٽالن سان واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيوان حوالي سان ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ٻڌايو ته مهر مارفاڻي تڪرار تان نوجوان قتل ٿيو آهي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڳڙهي ياسين اسپتال منتقل ڪيو آهي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.