اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اجلاس 9 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ سينيٽ جا نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا. ذريعن موجب ايوان جو اجلاس 9 اپريل تي طلب ڪرڻ جي سمري تيار ڪئي وئي آهي ۽ سينيٽ جي پهرين اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا. ذريعن موجب نون چونڊيل ميمبرن جي حلف کڻڻ کان پوءِ ڊپٽي چيئرمين ۽ سينيٽ چيئرميين جي چونڊ به ڪئي ويندي. سينيٽ جي 19 سيٽن تي چونڊن جي لاءِ پولنگ 2 اپريل تي ٿيڻي هئي پر خيبرپختونخواهه جي 11 سيٽن تي چونڊون ملتوي ٿيڻ کان پوءِ سينيٽ ۾ هاڻ ميمبرن جو ٽوٽل انگ 85 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف سينيٽ جي 37 سيٽن تي چونڊون ٿيڻ کان پوءِ هينئر تائين جي پارٽي پوزيشن موجب پيپلز پارٽي 24 سيٽن سان سينيٽ جي سڀني کان وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي.