My WordPress Blog

خيبرپختونخواهه: قومي اسيمبلي جي هڪ، صوبائي جي 5 تڪن جا چونڊ نتيجا چيلينج

0

پشاور: (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلي جي 5 تڪن جا چونڊ نتيجا چيلينج ڪيا ويا آهن. اليڪشن ٽربيونل ۾ جن تڪن جي اميدوارن طرفان چونڊ نتيجا چيلينج ڪيا ويا آهن انهن ۾ قومي اسيمبلي جو تڪ اين اي 28 صوبائي اسيمبلي جو تڪ پي ڪي 74، پي ڪي 75، پي ڪي 79، پي ڪي 101 ۽ پي ڪي 102 شامل آهن. چونڊ نتيجا چيلينج ڪرڻ جي داخل پٽيشن ۾ اليڪشن ڪميشن ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر، ريٽرننگ آفيسر ۽ ڪامياب اميدوارن کي ڌر بنايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فارم 45 ۾ ڊي آر اوز ۽ آر اوز تبديلي ڪئي ۽ نتيجا تبديل ڪيا. درخواستگذار فارم 45 ۾ ڪامياب ٿيا جڏهن ته فارم 47 مخالف اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ٽربيونل کان استدعا ڪئي وئي آهي ته فارم 45 موجب نتيجا جوڙيا وڃن. بيلٽ پيپرز جن بيگز ۾ پيل آهن انهن کي حفاظت سان آندو وڃي. ووٽن جي تصديق ڪري نتيجا جوڙيا وڃن. درخواستگذارن موجب اليڪشن ڪميشن ۾ به ٻيهر ڳڻپ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي پر ان جي درخواستن کي بنا ڪنهن سبب جي رد ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي ته اهو شفاف چونڊن کي يقيني بنائي. اليڪشن ٽربيونل ۾ اين اي 28 تان اميدوار ساجد نواز پي ڪي 74 تان ارباب جاندان، پي ڪي 75 تان ملڪ شهاب درخواست داخل ڪئي آهي. ان کان علاوه پي ڪي 78 تان ارباب عاصم پي ڪي 101 تان ملڪ عدنان ۽ پي ڪي 102 تان شاهه محمد اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.