My WordPress Blog

وفاقي حڪومت ججز طرفان لکيل خط جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط تي انڪوائري ڪميشن ٺاهيو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ڪابينه اجلاس ۾ انهي معاملي کي رکندو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ سان گڏ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته اڄ چيف جسٽس سان وزيراعظم  جي 2 وڳي ملاقات ٿي آهي، اٽارني جنرل ۽ مان به ملاقات ۾ شريڪ هئاسين. وزيراعظم ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي. اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته وزيراعظم ملاقات دوران چيو ته عدليه جي آزادي لاءِ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اهڙي معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته سڀاڻي ڪابينه جو اجلاس ٿيندو. ڪابينه ڪميشن آف انڪوائري جي تحت ڪميشن اپوائنٽ ڪندو، ڪوشش هوندي ته  ڪنهن به رٽائرڊ نيڪ نالي جج کان انڪوائري جي درخواست ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم سڀاڻي ڪابينه جي  سامهون معاملو رکندو، ڪميشن جا ٽي او آر مشاورت سان اٽارني جنرل طئي ڪندا، اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪميشن ٺاهيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين رٽائرڊ ججز جي نالن تي غور کان پوءِ ڪميشن ٺاهيو ويندو. اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪميشن جو سربراهه ڪير هوندو، وقت کان اڳ نالو نٿو کڻي سگهان، ايندڙ ٻن کان چئن ڏينهن ۾ ڪميشن جي سربراهه جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڳالهين جو مقصد اهو هو ته ملڪ ۾ قانون ۽ نظام موجود آهي. اهڙي طرح جي معاملن جي جاچ وفاقي حڪومت ڪرائيندي آهي. چيف جسٽس صاحب معاملو فل ڪورٽ جي سامهون رکيو، وڌيڪ بهتر به اهوئي حل هو ته ڪميشن ٺاهيو وڃي. هن چيو ته ججز جو خط، مس ڪنڊڪٽ بابت آهي قانون جي وزير هجڻ جي حوالي سان انهي سوال جو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندس، انهي سوال جو جواب به ڪميشن ۾ ئي اچڻ گهرجي. جيڪڏهن ڳالهيون صحيح آهن ته جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڳالهيون صحيح نه ٿيون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟  هي انتهائي سنجيده معاملو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.