My WordPress Blog

نوشهرو فيروز سول اسپتال ۾ بدامني  هر روز مريض ۽ڊاڪٽر عملي جي موٽر سائيڪلن جي چوريء خلاف احتجاج

0

نوشهرو فيروز:(ڊ  ر ) سول اسپتال نوشهرو فيروز ۾ بدامني ۽ هر روز مريضن ڊاڪٽر ۽ عملي جي موٽر سائيڪلن جي چوريء خلاف PMA ۽ پيراميڊيڪل عملي پاران او۔پي ڊي جو بائيڪاٽ ۽ احتجاجي مظاهرو ، پوليس ۽ انتظاميا خلاف سخت نعري بازي رپورٽ موجب سول اسپتال نوشهرو فيروز مان ڊاڪٽر معراج لاشاري, ڊاڪٽر منصور عباسي۔ اڪرم سومرو ۽ زوهيب سولنگي جون موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر۔ ڊاڪٽر بدر الدين ابڙو۔ ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سهتو اشرف قريشي امداد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته اسان مريضن جي خدمت ڪريون ٿا پر اسان جي سيڪيورٽي ڪرڻ لاء ڪوبه تيار نه آھي روزانو غريب ملازمن جون نه رڳو گاڏيون چوري ٿين ٿيون پر اسپتال جي رهائشي ڪالونيء مان موٽر مسلسل نامعلوم چور چوري ڪري وڃن ٿا پر پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل آھي جيڪڏهن اهو سلسلو برقرار رهيو ته جلد سڄي ضلعي ۾ اسپتالون بند ڪري احتجاجي تحريڪ هلائينداسين

Leave A Reply

Your email address will not be published.