اسلام آباد: (م ڊ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن خلاف فيصلي تي انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. اٽارني جنرل منصور عثمان ٻڌايو ته 20 ماڻهو اهڙا آهن جن کي عيد کان اڳ آزاد ڪري سگهجي ٿو. بريت ۽ گهٽ سزا وارن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو ويندو. جن جي سزا هڪ سال آهي انهن کي رعايت ڏني ويندي. گڏيل طور تي 105 جوابدار فوج جي تحويل ۾ آهن جن جي آزادي لاءِ 3 مرحلن مان گذرڻو پوندو. پهريون مرحلو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائڻ، ٻيو ان جي توثيق هوندي، ٽيون مرحلو گهٽ سزا وارن کي آرمي چيف طرفان رعايت ڏيڻ هوندي. اٽارني جنرل فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏيندي هدايت ڪئي ته صرف اهڙن ڪيسز جا فيصلا ٻڌايا ويا جن ۾ نامزد ماڻهو عيد کان اڳ آزاد ٿي سگهن ٿا. اٽارني جنرل يقين ڏياريندي چيو ته گهٽ سزا وارن کي قانوني رعايتون ڏنيون وينديون. فيصلو ٻڌائڻ جي اجازت اپيلن تي حتمي فيصلي سان مشروط هوندي. سپريم ڪورٽ ڪي پي حڪومت جون اپيلون واپس وٺڻ جي استدعا به منظور ڪري ورتي. ڪي پي حڪومت سويلين جو ٽرائيل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي خلاف داخل اپيلون واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي هئي. عدالت 3 سالن کان گهٽ سزا ماڻيندڙن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪوشش ڪريو ته عيد کان 3 چار ڏينهن اڳ انهن کي آزاد ڪيو وڃي. اٽارني جنرل جواب ڏنو ته صحيح آهي اسان ڪوشش ڪنداسين. عدالت اٽارني جنرل کي عمل ڪرڻ جي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اپيل جي چوٿين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.