اسلام آباد: (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد کي خوشي جوڳو قدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد تي عمل يقيني بنائي. غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين تي جاري اسرائيلي فوج جو ظلم ۽ جبر کي هاڻ مستقل طور تي بند ٿيڻ گهرجي. اسرائيل جي وحشياڻي حملن ۾ هينئر تائين هزارن جي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا. وزيراعظم چيو ته غزه ۾ اسرائيلي فوجين اسپتالن ۽ پناهگيرن ڪيمپن کي بمباري جو نشانو بنايو جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. پاڪستان پنهنجي هٿين خالي فلسطيني ڀائرن جي جيڪي 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فسلطيني رياست کي حاصل ڪرڻ لاءِ حمايت جاري رکندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجن فلسطيني ڀيڻ ڀائرن جي فلسطيني رياست کي حاصل ڪرڻ لاءِ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزارت طرفان به غزه ۾ فوري جنگبندي جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل ۾ قرارداد منظور ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي.