My WordPress Blog

سيڪيورٽي فورسز جو ڊيره اسماعيل خان ۾ آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا

0

راولپنڊي: (م ڊ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽلييجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ مصطفيٰ، قسمت الله ۽ اسلام الدين سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف ڪيترين ئي دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ به ملوث هئا.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته علائقي ۾ وڌيڪ ڪنهن دهشتگرد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.