My WordPress Blog

جي يو آءِ اڳواڻ طلحه محمود پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي

0

اسلام آباد: (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) اڳواڻ طلحه محمود  جي يو آءِ ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻ نيئر بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر طلحه محمود چيو ته مان پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪريان ٿو. مون کي بلاول ڀٽو زرداري طرفان پ پ ۾ شموليت جي دعوت آئي هئي ان کان علاوه مون کي هڪ هفتو اڳ آصف زرداري پڻ گهرايو هو جتي تفصيلي ملاقات ٿي جنهن دوران آصف زرداري مون کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني. ان لاءِ مان پنهنجن ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته مان پنهنجي زندگي ۾ جمعيت علماءِ اسلام کان علاوه ڪنهن  ٻئي پارٽي ۾ نه رهيس پر هن وقت پاڪستان مختلف چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، اڄ ملڪ جون جيڪي حالتون آهن اهي سڀني جي سامهون آهي. ملڪ کي اهڙين حالتن مان ڪڍڻ جي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي  سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته طلحه محمود سينئر سياستدان آهي ۽ هو اڄ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي کيس پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چئون ٿا.نيئر بخاري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت  ئي ملڪ کي موجوده بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي. پارلياماني ڪارروائي ۾ سينيٽر طلحه محمود جو اهم ڪردار رهيو آهي. 2006 کان سينيٽر طلحه محمود خيبرپختونخواهه مان لاڳيتو سينيٽر چونڊجندو آيو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته پيپلز پارٽي ۾ به انهي جو اهم ڪردار هوندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.