راولپنڊي: (م ڊ ) سيڪيورٽي فورسز تربت ۾ پاڪ بحريه جي ايئربيس پي اين صديق تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بنائيندي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ سپاهي پڻ شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 مارچ دير سان دهشتگردن پي اين ايس صديق تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيڪيورٽي اهلڪارن اثاثن جي حفاظت کي يقيني بنائنيدي بهتر جواب ڏيندي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بنائي ڇڏيو. بحري دستن جي مدد لاءِ چوڌاري موجود سيڪيورٽي فورسز کي فوري طور تي گهرايو ويو. هٿياربند فوج جي بهتر جواب کان پوءِ گڏيل ڪليئرنس آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فرنٽيئر ڪور بلوچستان جو سپاهي نعمان فريد بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. شهيد جي عمر 24 سال ۽ هو پاڻ مظفر ڳڙهه جو رهواسي هو. علائقي ۾ ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سيني ٽائزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم شهباز شريف تربت ليول ايئربيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباش ڏني. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي بهترين ڪارروائي سان دهشتگرد مارجي ويا ۽ اسان هڪ وڏي نقصان کان بچي وياسين اسان دهشتگردي کي چيڀاٽڻ جي لاءِ پرعزم آهيون جڏهن ته پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان بيٺل آهي ۽ کين سلام پيش ڪري ٿي.