اسلام آباد: (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت سائفر ڪيس ۾ سڀاڻي(اڱاري) تائين سٺي خبر ملڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. ايبٽ ۾ آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت چيو ته عمران خان جي خلاف سياسي ڪيس صرف انتقامي ڪارروايون هيون. پي ٽي آءِ باني جي خلاف ڪيسز ۾ وڪيلن کي مڪمل جرح جو حق نه ڏنو ويو. هن چيو ته مينڊيٽ چوري، ريڪوري لاءِ پلان جوڙيو ويو آهي، 30 مارچ کان شروع ڪنداسين جڏهن ته مشتاق احمد غني جي ڪابينه ۾ شموليت لاءِ پي ٽي آءِ باني سان ڳالهيون ڪندس. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ شاهه محمود جي سائفر ڪيس سزا جي خلاف اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.