My WordPress Blog

سني اتحاد ڪائونسل عورتن جي مخصوص سيٽن جي حقدار نه آهي: پشاور هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

0

پشاور: (م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفيصلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ 14 مارچ تي مختصر فيصلو ٻڌايو هو  پر هاڻ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه 30 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو مخصوص سيٽن جي ورهاست جو فيصلو آرٽيڪل 51 موجب آهي ۽ هاءِ ڪورٽ وٽ صوبي تائين مخصوص سيٽن جا ڪيسز ٻڌڻ جو اختيار آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار اعتراض ڪيو ته مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين ۾ ورهائجي نٿيون سگهن. سني اتحاد ڪائونسل عورتن جي مخصوص سيٽن جي حقدار نه آهي. مقرر وقت گزرڻ کان پوءِ مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع نٿي ڪرائي سگهجي. ان لاءِ درخواست رد ڪئي وڃي ٿي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين جو مخصوص سيٽن تي حق هوندو آهي پر عام چونڊن ۾ هڪ به سيٽ نه کٽيندڙ مخصوص سيٽن جي اهل نه آهي اهو دليل ته مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي نٿيون ڏئي سگهجن اهو غير آئيني آهي، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن کي آئيني طريقي سان ورهايو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.