My WordPress Blog

ڊي سي اسلام آباد پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد پي ٽي آءِ کي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 30 مارچ تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڊي سي اسلام آباد امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي درخواست رد ڪندي موقف ڏنو آهي ته پي ٽي آءِ پهريان به اين او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جلسي جي درخواست ريجنل صدر عامر مسعود مغل ڏني هئي جنهن جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ ڊي سي اسلام آباد کي 2 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. چيف جسٽس عامر فاروق ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي. پي ٽي آءِ درخواست ۾ استدعا ڪئي هئي ته عدالت ڌرين کي 30 مارچ تي رات جو 1 وڳي اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏئي. پي ٽي آءِ کي پريڊ گرائونڊ ايف 9 پارڪ يا ڊي چوڪ تي جلسي جي اجازت ڏني وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.