My WordPress Blog

پاڪستان تي حملن جي منصوبه بندي ۾ افغان طالبان جي ملوث هجڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي

0

اسلام آباد: (م ڊ )   افغان طالبان جي دهشتگردن سان ملي پاڪ افغان سرحد تي سيڪيورٽي فورسز تي حملن جي منصوبه بندي جي وڊيو سامهن اچي وئي جنهن ۾ آپگهاتي بمبار کي به ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته افغانستان جي علائقي ڊانگر الگد ۾ حافظ گل بهادر گروپ جي دهشتگردن کي تحريڪ طالبان افغانستان(ٽي ٽي اي) جو ڪمانڊر يحيٰ هدايتون ڏئي رهيو آهي ته اسان پاڪستان کان بدلو وٺڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ اوهان کي پاڪستاني پوسٽن تي حملو ڪرڻو آهي. ٽي ٽي اي ڪمانڊر چئي رهيوآهي ته منصوبي موجب 6 راڪيٽ هلائنيدڙ هوندا، جڏهن ته 6 انهن جا مددگار، اهڙي طرح 2 ليزر وارا هوندا ۽ 2 انهن سان گڏ مددگار هوندا جڏهن ته هڪ ماڻهو اسنائپر وارو به هوندو. اهي سڀ مجاهد اميرالمومنين شيخ عبادالله جي حڪمن تي تيار آهن. پاڪستان ۾ داخلا لاءِ تيار جوڙجڪ جو ضابطو سمجهائڻ ۽ زخمين کي پوئتي نه ڇڏڻ جون هدايتون به ڏنيون پيون وڃن. جڏهن ته دهشتگرد پاڪستان جي خلاف وڙهڻ تي راضپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. اها وڊيو ان ڳالهه جو به ثبوت آهي ته ٽي ٽي اي پاڪ افغان سرحد تان سيڪيورٽي فورسز تي حملن جي منصوبه بندي ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي مدد ڏيڻ ۾ مصروف آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.