ڪراچي: (م ڊ ) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ويڳي پيءُ 8 ورهين جي معصوم نينگري تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي جنهن سبب ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي آهي. ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار موجب جوابدار طارق پنهنجي گهر واري رابعه جي پهرين مڙس مان 8 ورهين جي ٻارڙي ونايه کي پيٽرول هاري باهه ڏني هئي جنهن سبب ٻارڙي جو جسم 25 سيڪڙو تائين سڙي ويو هو. پوليس موجب ٻارڙي جي والده مڙس جي ڊپ سبب پوليس کان معاملو کي لڪائي رکيو ۽ عورت ٻارڙي جو ڪڏهن سول اسپتال ته ڪڏهن نجي اسپتال مان علاج ڪرائيندي رهي. بيان ڏيندڙ عورت موجب انهي 2 سال اڳ طارق نالي شخص سان شادي ڪئي هئي جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي. اڳوڻي مڙس امجد مان ان جي 8 ورهين جي هڪ ڌيءَ آهي جيڪا ان سان گڏ رهندي آهي. 16 فيبروري تي ڌيءَ ٽيوشن تان گهر آئي ته مڙس طارق ڌيءَ کي مارڪٽ شروع ڪري ڏني. مان ٻارڙي کي بچائڻ لڳس ته مڙس ڪاوڙ ۾ اچي مون کي به تشدد جو نشانو بنايو ۽ ڌيءَ تي پيٽرول هاري باهه لڳائي ڇڏي جنهن کي وڏي مشڪل سان بچايو. هاڻ مڙس مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. مپوليس موجب 8 ورهين جي ٻارڙي تي پيٽرول هاري باهه لڳائڻ جي واقعي جو ڪيس ٻارڙي جي ويڳي پيءُ جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. جوابدار جي ڳولا جاري آهي جلد کان جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.