My WordPress Blog

نوازشريف، آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس: عدالت نيب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

0

اسلام آباد: (م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني سميت ٻين جوابدارن جي خلاف توشه خانه مان قيمتي گاڏيون ۽ تحفا وصول ڪرڻ بابت ريفرنس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي قومي احتساب بيورو(نيب) کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر اطهر مقبول شاهه چيو ته نوازشريف جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڏني هئي. نوازشريف کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو هو. هاڻ اسان جو جاچ آفيسر  موجود نه آهي. جاچ جي روشني ۾ رپورٽ پيش ڪنداسين ته ڪيس هلائي به سگهجي ٿو يا نه؟ نيب پراسيڪيوٽر استدعا ڪئي ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين جو وقت ڏئي اسان رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏينداسين جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي تي احتساب عدالت  پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف، پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جي خلاف توشه خانه گاڏين جي ريفرنس ۾ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪري 19 مارچ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.