راولپنڊي: (م ڊ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف راولپنڊي پوليس 9 مئي بابت مختلف ٿاڻن ۾ دهشتگردي ۽ ٻين قلمن جي تحت داخل ڪيسن ۾ ٻنهي جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا. پوٽوهار ڊويزن جي ڪينٽ ٿاڻي ۽ سول لائن سرڪلز رپورٽ اماڻي ڇڏي جنهن موجب اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد مٿان ڪينٽ ٿاڻي تي دهشتگردي جي ايڪٽ ۽ ٻين سنگين قلمن جي تحت ڪيس داخل آهي. جنهن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ٻين ماڻهن جن ۾ سينيٽر فيصل جاويد خان، اعظم سواتي، اطهر مشواني ۽ خرم ذيشان جي خلاف ڪينٽ سرڪل جي پنجن ٿاڻن ۾ ڪوبه ڪيس داخل ٿيل نه آهي. پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز الاهي به ساڳين ڪيسن ۾ ڪينٽ ٿاڻي جي ڪيس نمبر 23/836 ۽ آر اي بازار ٿاڻي جي ڪيس نمبر 23/708 ۾ نامزد آهي ۽ ان جا اهڙن ڪيسن ۾ گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا ويا آهن. ڪرمنلز رڪارڊ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد جي خلاف سول لائين ٿاڻي ۾ ڪيس نمبر 23/987 مورگا ٿاڻي ۾ ڪيس نمبر 23/397 داخل آهي جڏهن ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي خلاف سول لائين ٿاڻي ۾ ڪيس نمبر 23/987 داخل ٿيل آهي.