My WordPress Blog

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو: ناڻي وارو صوبائي وزير ساليانو بجيٽ پيش ڪندو

0

لاهور: (م ڊ ) پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ صوبائي ناڻي وارو وزير ساليانو بجيٽ پيش ڪندو، اجلاس ٻنپهرن جو 2 وڳي ٿيندو جنهن جي صدارت اسپيڪر محمد ملڪ احمد خان ڪندو. صوبائي ناڻي وارو وزير ميان مجتبيٰ شجاع الرحمان بجيٽ پيش ڪندو. اجلاس ۾ ايوان مان مالي سال 2023-24 جي ايندڙ 3 ۽ گذريل 3 مهينن جي بجيٽ جي منظوري ورتي ويندي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبائي ڪابينه جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ سالياني بجيٽ 2023-24 ۽ سپليمينٽري بجيٽ 2022-23 جي منظوري ورتي ويندي. ڪابينه ايندڙ  3مهينن جي بجيٽ جي منظوري سان گڏوگڏ گذريل 3 مهينن جي خرچن جي به منظوري ڏيندي. صوبائي  ڪابينه جي اجلاس جو هڪ نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي صدارت پنجاب جو وڏو وزير ڪندو. صوبائي ڪابينه جو ٻيون اجلاس ايوان وزيراعليٰ 8 ڪلب ڪميٽي روم ۾  ٿيندو. اجلاس ڏينهن جو 11 وڳي منعقد ٿيندو ڪابينه مان بجيٽ جي منظوري کان پوءِ اڄ  ٻنپهرن جو پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪيو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.