اسلام آباد: (م ڊ ) سپريم ڪورٽ بلوچستان جي تڪ پي بي 50 قلعه عبدالله ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي بي 50 قلعه عبدالله جي چونڊن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو صرف 6 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته قانون موجب تڪ ۾ ٻيهر پولنگ ڪرائي وڃي. اي اين پي جي اڳواڻ زمرڪ خان جي وڪيل چيو ته پي بي 50 جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي ٽرن آئوٽ اڻپورو هو. جن پولنگ اسٽيشنن تان منهنجو موڪل ڪامياب ٿيو صرف اتي ري پولنگ جو حڪم ڏنو ويو زمرڪ خان حلف به کڻي ورتو هو، اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي ايترو گهرائين ۾ نه کڻي وڃو. عدالت ويهي 400 اليڪشن ڪيسز نٿي ٻڌي سگهي ڌريون راضي آهن ته پوري تڪ ۾ ٻيهر پولنگ ڪرائي ٿا ڇڏيون. جنهن کان پوءِ سپريم ڪرٽ ڌرين جي راضپي سان پي بي 50 قلعه عبدالله ۾ ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي بي 50 قلعه عبدالله تان اي اين پي جو زمرڪ خان ڪامياب ٿيو هو. جي يو آءِ جي ملڪ نواز زمرڪ خان جي ڪاميابي اليڪشن ڪميشن ۾ چيلينج ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن ملڪ نواز جي درخواست تي زمرڪ خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيندي 6 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو هو جنهن کي زمرڪ خان سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو هو.