اسلام آباد: (م ڊ ) پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر پارٽي جي ڳجهن اڪائونٽس جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي کي لکيل خط ۾ پي ٽي آءِ جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر چيو ته پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کي 20 مهينا ٿي چڪا آهن پر عمل نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته نشاندهي جي باوجود پي ٽي آءِ جي پرڏيهي بينڪ اڪائونٽس بابت اڃان تائين ڪابه قانوني ڪارروائي ناهي ٿي. غيرقانوني پرڏيهي ڳجهي بينڪ اڪائونٽس جو ملڪ دشمن ڪاررواين ۾ استعمال ٿيڻ کي رد نٿو ڪري سگهجي. اڪبر ايس بابر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي غيرقانوني پرڏيهي فنڊنگ ثابت ٿيڻ جي باوجود هن قومي سلامتي جي معاملي تي مفصل ۽ قانوني ڪارروائي سامهون ناهي آئي جيڪا پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي. پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي آگسٽ 2022 جي فيصلي جي سمورن رخن تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي کي پرڏيهي ملڪن ۾ بينڪ اڪائونٽس کولڻ ۽ ان کي ڳجهو رکڻ ڏوهه آهي. اهڙن سمورن پاڪستاني شهرين جي خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي انهي ڳجهي پرڏيهي ۽ غيرقانوني اڪائونٽس کي استعمال ڪندي ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن.