راولپنڊي: (م ڊ ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران انتهائي گهربل دهشتگرد ڪمانڊر سحرا عرف جانان سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب 17 ۽ 18 مارچ جي رات سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو. جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آپريشن جي دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد ڪمانڊر سحرا عرف جانان سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا. سحرا 16 مارچ تي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي دهشتگردي جي حملي جي منصوبه بندي ۾ ملوث هو ۽ سيڪيورٽي فورسز کي به گهربل هو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.