پشاور: (م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جي درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اشتياق ابراهيم جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل بيرسٽر علي ظفرعدالت ۾ دليل ڏنا جڏهن ته گذريل ڏينهن پيش نه ٿيڻ تي بيرسٽر علي ظفر عدالت کان معذرت به ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس ورتو ويو. پشاور هاءِ ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏيندي بيٽ جو نشان واپس ڪري ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ ٻيهر اليڪشن ڪميشن جي حق ۾ فيصلو ڏئي بيٽ جو نشان واپس ورتو. سني اتحاد ڪائونسل رجسٽرڊ پارٽي آهي ۽ ان کي چونڊ نشان به الاٽ ٿيل آهي. چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ ايتري وڏي ڳالهه نه آهي. جسٽس شڪيل سوال ڪيو ته اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن چونڊن ۾ حصو نه ورتو ته پوءِ ڇا ٿيندو ان تي علي ظفر چيو ته مان پهريان انهي تي ڳالهائي رهيو آهيان ته مان سياسي پارٽي آهيان، منهنجا بنيادي آئيني حق ڪهڙا آهن؟ آرٽيڪل 17 جي تحت منهنجا ڪيترائي بنيادي حق بڻجن ٿا. هڪ پارٽي جيڪڏهن چونڊن ۾ حصو نه وٺي تڏهن به سياسي پارٽي هوندي آهي اهو ضروري ناهي ته ڪا به پارٽي چونڊون وڙهي. آرٽيڪل 17 جي سب آرٽيڪل 2 ۾ اسان جا حق موجود آهن. آرٽيڪل 17 چوي ٿو ته هر شهري جو حق آهي ته اهو ڪنهن به سياسي پارٽي جو حصو بڻجي يا پنهنجي پارٽي ٺاهي. علي ظفر چيو ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽن کان پري رکيو ويو. اليڪشن ڪميشن پارلياماني پارٽي ۽ پوليٽيڪل پارٽي ۾ فرق ڪرڻ ۾ ٻڏتر جو شڪار آهي پر پرويز الاهي ڪيس ۾ پارلياماني ۽ پوليٽيڪل پارٽي جي تعريف موجود آهي. جسٽس ايس ايم عتيق سوال ڪيو ته آزاد اميدوار اسيمبلي ۾ گڏ ٿي وڃن ته ڇا انهن کي مخصوص سيٽون ملنديون؟ يا آزاد اميدوارن کي پارٽين کي جوائن ڪرڻو پوندو. ؟ عدالتي پڇاڻي تي علي ظفر چيو ته آزاد اميدوار ڪنهن به پارٽي کي جوائن ته ڪندو ته سيٽون ملنديون. عدالت چيو ته مخصوص سيٽون تڏهن ملنديون آهن جڏهن سياسي پارٽين سيٽون کٽيون هجن.. سني اتحاد ڪائونسل ڪابه سيٽ نه کٽي آهي. اوهان جڏهن سيٽ ناهي کٽي ته آزاد اميدوار به اوهان کي جوائن نٿا ڪري سگهن. اوهان اهڙي پارٽي کي جوائن ڪيو جنهن ڪابه سيٽ ناهي کٽي. سربراهه سني اتحاد ڪائونسل پاڻ انهي پارٽي مان چونڊن ۾ حصو نه ورتو. سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل علي ظفر جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سڪندر بشير محمد روسٽرم تي اچي ويو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته باپ پارٽي جو انهي معاملي سان ڪوبه تعلق نه آهي. اها پڌرائي آهي فيصلو نه آهي، اهي درخواستون سمورين اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽن جي لاءِ آهن. اهي درخواستون هن عدالت جي اختيار کان به ٻاهر آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل درخواستون هنن درخواستن کان هڪ جهڙائي رکن ٿيون. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته زيرو جمع زيرو، زيرو هوندو ۽ زيرو جمع هڪ، هڪ هوندو آهي.
جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائيندي مخصوص سيتن بابت سني اتحاد ڪائونسل جون درخواستون رد ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته گڏيل طور تي درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.