My WordPress Blog

سنڌ جي وڏي وزير ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0

ڪراچي: (م ڊ  ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهين دوران سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ارسا جو ڪنٽرول وفاق کي ڏيڻ جي حق ۾ نه آهيون. ارسا چيئرمين جي مقرري کي رد ڪريون ٿا. پي ٽي آءِ باني هجي يا شهباز شريف سنڌ سان ناانصافي برداشت نه ڪنداسين. اميد آهي ته ملڪ کي پريشانين مان ڪڍڻ جي لاءِ نئون ناڻي وارو وزير اهم ڪردار ادا ڪندو. مان انٽر بورڊ جي چيئرمين جي معاملي کي ڏسي رهيو آهيان. اڃان ڪوبه وزير نه آهي ته مان ئي انهي کاتي کي ڏسي رهيو آهيان، انهي مسئلي کي جلد حل ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال گذريل 6 مهينن کان وڌيڪ خراب آهي. نگران حڪومت جي دور ۾ حالتون وڌيڪ خراب هيون جيڪا ڳالهه اسان کي غلط لڳندي ان تي اسان احتجاج ڪنداسين.

Leave A Reply

Your email address will not be published.