My WordPress Blog

اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. پڌرائي موجب سينيٽ چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ 15 ۽ 16 مارچ تي جمع ڪرائي سگهجن ٿا. اميدوارن جي فهرست 17 مارچ تي لڳائي ويندي. سينيٽ چونڊن جي اسڪروٽني 19 مارچ تي ٿيندي. چونڊ شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض 21 مارچ تائين داخل ڪري سگهجن ٿا. ٽربيونل 25 مارچ تائين سمورا اعتراض اڪلائيندو. 26 مارچ تي اميدوارن جي عبوري فهرست جاري ڪئي ويندي. 28 مارچ تائين  اميدوار نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ جي 48 سيٽن جي لاءِ پولنگ 2 اپريل تي ٿيندي. سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ هڪ ئي وقت 5 هنڌن تي ٿيندي. قومي اسيمبلي ۾ اسلام آباد  جي سيٽن لاءِ پولنگ ٿيندي جڏهن ته چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ميمبر پنهنجي صوبي مان سينيٽرز چونڊيندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.