My WordPress Blog

اڊيالا جيل ۾ دهشتگردي جو امڪان: عمران خان سميت سمورن قيدين سان ملاقاتن تي 2 هفتن جي پابندي لاڳو

0

راولپنڊي: (م ڊ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل کي دهشتگردن طرفان نشانو بنائڻ جي امڪان تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سميت سمورن قيدين سان ملاقاتن تي 2 هفتن جي لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي. ذريعن موجب انٽيليجنس رپورٽ جي روشني ۾ پنجاب جي گهرو وزارت اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سميت سمورن قيدين سان  ملاقاتن تي پابندي جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پنجاب جي گهرو وزارت طرفان جيل ۾ سرچ آپريشن  به ڪيو ويندو. پنجاب جي گهرو وزارت جيل خاني پنجاب جي انسپيڪٽر جنرل کي به فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي ۽ اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري به اڊيالا جيل ۾ قيد آهن. ٻئي طرف پوليس اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا ڪوريج تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اڄ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو ڏينهن آهي، ان موقعي تي پوليس اڊيالا جيل جي گيٽ نمبر 5 جي ٻاهران صحافين جي گاڏين جي پارڪنگ تي بيريئر لڳائي ڇڏيا آهن. اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا طرفان ڪيمرائن لڳائڻ واري جڳهه تي جيل انتظاميه قناتون لڳائي ڇڏيون آهن ان سان گڏ ئي پوليس ميڊيا ٽيمن کي جيل کان 2 ڪلو ميٽر پري وڃڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ئي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.