My WordPress Blog

صدر آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفه کي خاتون اول بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) صدر آصف علي زرداري پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري کي خاتون اول بنائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب آصفه ڀٽو زرداري کي خاتول اول جو درجو ڏنو ويندو. صدر آصف زرداري باضابطه طور تي آصفه ڀتو کي خاتول اول ڊڪليئر ڪندو. آصفه ڀٽو کي خاتول اول جو پروٽوڪول ڏنو ويندو ۽ اها پهرين خاتول اول هوندي جيڪا صدر جي ڌيءَ آهي،  عام طور تي خاتول اول جو درجو صدر جي گهر واري ڏانهن وڃي ٿو. 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ آصفه ڀٽو پيپلز پارٽي جي لاءِ ملڪ گير چونڊ مهم هلائي ۽ پنهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري جو ڀرپور ساٿ ڏنو. 3 فيبروري 1993 تي پيدا ٿيندڙ آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان جي وڏي سياسي پارٽي پيپلز پارٽي جي سياسي گهراڻي جو حصو آهي اها پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جي سڀني کان ننڍي ڌيءَ آهي. آصفه ڀٽو بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري جي ننڍي ڀيڻ آهي اها پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ايراني ڄائي نصرت ڀٽو جي ڏوهٽي، شاهنواز ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي ڀاڻيجي آهي. آصفه ڀٽو پنهنجي والد جي سڀني کان ويجهو رهي. آصف علي زرداري جي جيل جي ڏينهن ۾ ۽ عدالتن ۾ پيشي وقت به آصف علي زرداري جي هنج ۾ هميشه اهائي نظر ايندي هئي. گذريل ڏينهن به ايوان صدر ۾ حلف برداري جي تقريب ۾ هو پنهنجي والد سان گڏ ان جي  ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي هلي رهي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.