My WordPress Blog

صدر آصف زرداري اڄ وفاقي ڪابينه جي ميمبرن کي حلف کڻائيندو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) صدر آصف علي زرداري اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي وفاقي ڪابينه جي ميمبرن کي حلف کڻائيندو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪابينه جو انگ 12 مان وڌائي 14 ميمبرن تائين رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پهرين مرحلي ۾ ناڻي واري وزارت، پرڏيهي وزارت، توانائي واري وزارت، منصوبه بندي ۽ گهرو وزارت جا قلمدان ڏنا ويندا. جڏهن ته اطلاعات واري وزارت، نجڪاري ۽ ٻين اهم وزارتن جا وزير به مقرر ڪيا ويندا. وفاقي وزيرن کي شروعاتي مرحلي ۾ اضافي وزارتون به ڏنيون وينديون. وفاقي ڪابينه ۾ اسحاق ڊار، عطاءُالله تارڙ، خواجه آصف ۽ احسن اقبال کي شامل ڪيو ويندو. امير مقام، اويس لغاري ۽ ڄام ڪمال به ڪابينه جو حصو هوندو. جڏهن ته  اڳوڻو نگران پنجاب جو وڏو وزير محسن نقوي، محمد اورنگزيب ۽ شمشاد اختر کي به وفاقي ڪابينه ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. عمر سيف صلاحڪار ٿي سگهي ٿو. حڪومتي اتحادي پارٽي متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان کي 2 ۽ مسلم ليگ(ق) کي هڪ وزارت ملڻ جو امڪان آهي. وفاقي ڪابينه ۾ اسحاق ڊار کي پرڏيهي وزارت، احسن اقبال کي منصوبه بندي واري وزارت، خواجه آصف کي دفاع واري وزارت، عطاءُالله تارڙ کي اطلاعات ۽ نشريات، اعظم نذير تارڙ کي قانون ۽ سردار يوسف کي مذهبي معاملن جي وزير جو قلمدان ڏنو ويندو. امير مقام، اويس لغاري، ڄام ڪمال  ۽ احمد چيمه به ڪابينه جو حصو هوندا. اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي کي گهرو وزارت جو قلمدان ملڻ جو امڪان آهي. نئين وفاقي ڪابينه کي نئون چونڊيل آصف علي زرداري اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي حلف وٺندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.