لاهور: (م ڊ ) پنجاب اسيمبلي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي جمهوري هيرو قرار ڏيڻ واري قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي حيدر علي گيلاني پنهنجي پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو کي باضابطا طور تي شهيد ۽ قومي جمهوري هيرو قرار ڏيڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪيو، جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي هيرو قرار ڏيڻ ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ عظيم قربانيون ڏيندڙ سياسي ڪارڪنن کي نشان ڀٽو ايوارڊ ڏيڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو هو.