پشاور: (م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ جي خلاف داخل درخواست تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. سني اتحاد ڪائونسل طرفان بابر اعواڻ ۽ قاضي انور عدالت ۾ پيش ٿيا، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين جا وڪيل به عدالت جي آڏو پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل طرفان اٽارني جنرل جي غير موجودگي تي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل جي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ 13 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي.