اسلام آباد: (م ڊ ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان عمر ايوب کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ بنائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪيس ڪهڙي طرح هلايا پيا وڃن ان جي باوجود اعليٰ عدليه تي ڀروسو آهي. هن چيو ته مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين. القادر ٽرسٽ جو ٽرائيل جهڙي طرح هلي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي ڪيس جي سمورن فائنل آرڊر کي هاءِ ڪورٽ ۾ کڻي وينداسين. بيرسٽر گوهر چيو ته خيبرپختونخواهه ڪابينه بڻجي چڪي آهي. عمران خان سان ملاقات ۾ عورتن جي سيٽن بابت ڳالهيون ٿيون، پي ٽي آءِ باني جو مشورو آهي ته اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب کي بنايو وڃي.