My WordPress Blog

سنڌ ۾ رمضان پيڪيج جي تحت في خاندان کي 5 هزار روڪ رقم ڏيڻ جو فيصلو

0

ڪراچي:(م ڊ ) سنڌ جي وڏي وزير ساڍا 22 ارب روپين جي رمضان ريليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ رمضان ريليج پيڪيج جو به اعلان ڪيو ويو. ترجمان موجب وڏي وزير 22.5 ارب روپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي تحت سنڌ جي 60 سيڪڙو آبادي کي 5 هزار روپيه روڪ رقم ڏني ويندي. ترجمان ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير گهٽ کان گهر پگهار وارن 44 لک خاندانن کي رمضان ۾ رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. گهٽ گهٽ ماهوار آمدني 34 هزار روپيه آهي ۽ اهڙي هر خاندان کي رمضان ۾ 5 هزار روپيه بينڪ جي ذريعي ڏنا ويندا. ترجمان موجب جيڪڏهن 44 لک خاندانن کي 5 هزار روپيه ڏنا ويا ته حڪومت کي 22.5 ارب روپين کان وڌيڪ پئسا خرچ ڪرڻا پوندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.