My WordPress Blog

يوٽيليٽي اسٽورز تي رمضان رليف پيڪيج جو اعلان، ڪيترين ئي شين جي قيمتن ۾ لاٿ

0

اسلام آباد: (م ڊ )  يوٽيليٽي اسٽورز تي ساڍا 7 ارب روپين جي رمضان رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز رمضان پيڪيج جي تحت قيمتن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 5 مارچ کان لاڳو هوندو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رمضان پيڪيج جي تحت چانهه جي 800 گرام قيمت ۾ 100 روپيه، بيصڻ ۽ کجي جي في ڪلو قيمت ۾ 50 روپيه، کير جي في ليٽر پيڪ جي قيمت ۾ 30 روپيه، دالين ۽ چانورن جي في ڪلو قيمت ۾ 25 روپيه، ڪوڪنگ آئل جي في ليٽر قيمت ۾ 25 روپيه ۽ شربت جي 800 ملي ليٽر قيمت ۾ 30 روپين جي لاٿ ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه بي آءِ ايس پي صارفين لاءِ کنڊ جي في ڪلو قيمت 109 روپيه، گيهه 365 روپيه ۽ اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 648 روپيه برقرار رهندي. يوٽيليٽي اسٽورز تي رمضان ريليف پيڪيج جو اعلان  5 مارچ کان لاڳو هوندو جيڪو چنڊ رات تائين جاري رهندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.