اسلام آباد: (م ڊ ) شهباز شريف کي پاڪستان جو 24هون وزيراعظم چونڊجڻ تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مبارڪباد ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پاڪستان جي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ان کان اڳ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان، ترڪ صدر طيب اردوان ۽ ايران جي صدر طرفان به شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني وئي. ياد رهي ته شهباز شريف گذريل ڏينهن پاڪستان جي 24هين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو ۽ ٻيون ڀيرو انهي عهدي تي فائز ٿيو آهي. ان کان اڳ پي ڊي ايم اتحاد ۾ هو تقريبن 16 مهينا وزيراعظم جي عهدي تي فائز رهيو.