اسلام آباد: (م ڊ ) تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان چئي چڪو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اسان ڪيئن خاموش رهون؟ ووٽ پي ٽي آءِ کي مليو، وزيراعظم شهباز شريف بڻجي ويو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اسيمبلي ۽ عوام ۾ جدوجهد ڪنداسين. ڌانڌلي جي خلاف اسان سمورا دروازا وڄائينداسين اسان وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو آپشن آهي. اسد قيصر چيو ته عوام ووٽ پي ٽي آءِ کي ڏنا ۽ وزيراعظم شهباز شريف بڻجي ويو، ان تي اسان ڪيئن خاموش رهنداسين، پي ٽي آءِ باني عمران خان ڪنهن کان به انتقام وٺڻ جو ارادو نٿو رکي. هو فتح مڪه ماڊل ڏانهن ويندو. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته سڀني کان پهريان اسان کي هن نظام کي تبديل ڪرڻو آهي، ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي ۽ اسان ملڪ ۾ صاف، شفاف چونڊون ڪرائينداسين، هن وڌيڪ چيو ته جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اسان جا فاصلا ڊگها آهن انهي کي وقت سان گڏ گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.