اسلام آباد: (م ڊ ) قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو حلف برداري کان پوءِ نعريبازي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. افتتاحي اجلاس جي ايجنڊا موجب افتتاحي اجلاس جي شروعات تي ڪلام پاڪ جي تلاوت، حمد ۽ ثنا سان گڏ قومي ترانو پڙهيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف نون چونڊن ميمبرن کان حلف ورتو. نامزد اسپيڪر سردار اياز صادق، ڊپٽي اسپيڪر، آصف زرداري، بلاول ڀٽو، نوازشريف، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ٻين ميمبرن رول ميمبرز تي صحيحون ڪيون. مسلم ليگ(ن) جي نامزد وزيراعظم شهباز شريف، سينيٽر اسحاق ڊار، نور عالم خان سميت ٻيا ميمبر پارليامينٽ هائوس پهتا. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به مهمانن جي گيلري ۾ موجود هئي. آزاد ميمبرن پي ٽي آءِ باني جا ماسڪ پائي ايوان ۾ احتجاج ڪيو، آزاد اميدوارن پي ٽي آءِ جا جهنڊا به ايوان ۾ کڻي آيا، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرن اسپيڪر جي سيٽ تي بيهي پي ٽي آءِ باني جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. پارليامينٽ هائوس ڏانهن ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي. ريڊ زون ۾ داخلا جي لاءِ سرينا چوڪ نادرا چوڪ ۽ ڊي چوڪ وارا رستا بند ڪيا ويا جڏهن ته ريڊ زون ۾ داخلا جي لاءِ مارگلا روڊ جو رستو کليل رکيو ويو آهي. ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستن تي پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري مقرر آهي. گاڏين جي مڪمل چيڪنگ کان پوءِ ريڊ زون ۾ داخلا جي اجازت ڏني پئي وڃي.