اسلام آباد: (م ڊ ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان، فيصل جاويد ۽ اسد عمر کي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته وڪيل صفائي موجب عمران خان ۽ ٻين جوابدارن کي قلم 144 لاڳو هجڻ جي خبر نه هئي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ قلم 144 جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو هو. پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين کان سياسي انتقام وٺڻ جي لاءِ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته حڪومت طرفان قلم 144 جو نوٽيفڪيشن سامهون نه آيو هو. ترنول ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪيس جو مدعي آهي، پوليس آفيسر کي ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار نه آهي. 11 گواهه چالان ۾ شامل هئا جن مان هڪ به گواهه بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ عدالت ۾ نه آيو. عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي موجب جوابدارن طرفان اي 249 جي تحت ڌار ڌار بريت جي درخواست ڪئي وئي. ڪيس ۾ جوابدارن کي سزا نه ٻڌائي وئي جنهن جي ڪري ٽرائيل وڌيڪ هلائڻ وقت جو نقصان آهي ان ڪري پي ٽي آءِ باني عمران خان، اسد عمر ۽ راجا خرم شهيد نواز کي بريت جون درخواستون منظور ڪيون وڃن ٿيون. علي نواز اعواڻ، فيصل جاويد، عابد حسين ۽ ظهير خان جي بريت جون درخواستون به منظور ڪيون ويون جوابدارن اسد عمر، علي نواز اعواڻ ۽ فيصل جاويد به ضمانت تي آهن اهي به مچلڪا واپس وٺي سگهن ٿا.