My WordPress Blog

سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري معاملي تي فيصلو محفوظ

0

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ سني اتحاد ڪائونسل جَي مخصوص سيٽن واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ علي ظفر، بئريسٽر گوهر، فروغ نسيم، اعظم نذير تارڙ، ڪامران مرتضيٰ، فاروق نائيڪ ۽ ٻين دليل ڏنا.سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪالهه آرڊر ڪيو ته سموريون درخواستون گڏائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪيو ته اسيمبلي ۾ موجود سمورين پارٽين کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي، ائين نٿو ٿي سگهي ته اوهان رات جو نوٽيس جاري ڪيو ۽ صبح جو پارٽيون تيار هجن.ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته سمورين پارٽين کي نه اسيمبلي جي لاڳاپيل پارٽين کي سڏايو آهي.علي ظفر جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جو آرڊر بي معنيٰ نٿو ٿي سگهي، ايم ڪيو ايم چيو ته اسان کي سنڌ اسيمبلي ۾ سيٽون ڏنيون وڃن، اڄ منهنجي ٻڌڻي پهرئين نمبر تي لڳي آهي، اوهان منهنجي درخواست التوا هيٺ رکي آهي، جڏهن ٻيون درخواستون آيون ته پوءِ منهنجي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي.ان دوران پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل ڪا به ترجيحي فهرست جمع ناهي ڪرائي، سياسي پارٽي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ختم ٿيڻ کانپوءِ ترجيحي فهرست ۾ ترميم به نٿي ڪري سگهي، قانون ايترو سخت آهي جو اوهان ڪو نالو به تبديل نٿا ڪري سگهو، مخصوص سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻي فهرست نٿي ڏئي سگهجي.ن ليگ جي وڪيل اعظم نذير تارڙ دليل ڏيندي چيو ته ترجيحي فهرست قانون پٽاندڙ ڏني ويندي،هن سوال اُٿاريند چيو ته ڇا اهڙي جماعت جنهن اليڪشن ۾ حصو ناهي ورتو ڇا آزاد اميدوارن ان ۾ شامل ٿي سگهن ٿا؟ مخصوص سيٽ جي دعويٰ ڪندڙ سياسي پارٽي لاءِ ڪجهه سيٽون کٽڻ ضروري آهي.ايم ڪيو ايم جي فروغ نسيم چيو ته قانون جي نظر ۾ سني اتحاد ڪائونسل پارلياماني پارٽي ناهي، روڪيل مخصوص سيٽون ايم ڪيو ايم کي ڪوٽا موجب ڏنيون وڃن، سني اتحاد ڪائونسل عام چونڊن ۾ حصو ورتو نه ترجيحي فهرست جمع ڪرائي، سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه پاڻ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي، اليڪشن ڪميشن آئين، قانون موجب مخصوص سيٽن بابت فيصلو ڪري.ڪامران مرتضيٰ دليلن ۾ چيو ته اسان ڪيس ۾ نه هئاسين، اوهان سڏايو ته آيا آهيون، قانون ۾ آهي ته جنهن پارٽي جو جيترو حصو آهي اِهو ان کي ملندو، آزاد اميدوار طور انهن مخصوص سيٽون نٿيون ملي سگهن، سياسي پارٽي جي فهرست ايگزاسٽ ٿيڻ تي ان ۾ نئون نالو شامل ٿي سگهي ٿو، تاريخ گذاري وڃڻ کانپوءِ جماعت نئين ترجيحي فهرست جمع نٿي ڪرائي سگهي، رڳو موجودا لسٽ ۾ نالا شامل ڪري سگهي ٿي، هاڻ مخصوص سيٽن جي ورڇ انهن ۾ ٿيندي جن لسٽ جمع ڪرائي آهي.عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.