حيدرآباد: (م ڊ ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ هزارين بيروزگار نوجوانن جي مستقبل سان کيڏندڙ آفيسر ۽ عملي کي بچائڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. ذريعن موجب جي او آر ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ آفيسرن پيپر آئوٽ ٿيڻ واري ڳجهي ڌنڌي ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچڻ تي آفيسرن ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي. ايس پي سي سي جي اهم اداري ۾ ماضي ۾ به اهڙي قسم جا امتحاني پيپر آئوٽ ٿيڻ جو رڪارڊ موبائل فون ۾ سامهون اچي ويو آهي. ذريعن موجب بااثر شخصين جي دٻاءُ تي معاملو اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين العالم جي موبائل فون مان وڌيڪ انڪشاف سامهون اچڻ تي آفيسر پريشاني جي ور چڙهي ويا آهن. آفيسر جي موبائل فون مان اهم ڄاڻ فرانزڪ ۾ سامهون اچڻ کان پوءِ عملي طرفان آفيسرن ۽ ماتحت ملازمن کي بچائڻ جون ڪوششون شروع ٿيون ويون آهن. ذريعن موجب مذڪوره کاتي ۾ مقرر آفيسر کان هڪ عورت سوشل ميڊيا ايپ تي ڳالهين دوران پيار محبت جو آسرو ڏئي پيپر حاصل ڪيو. جنهن جو موبائيل فون فرانزڪ دوران انڪشاف ٿيو. پوليس طرفان شروع ڪيل جاچ ۾ بااثر شخصيتن مداخلت شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پبلڪ سروس ۾ ايس ايس ٽي جو امتحاني پيپر آئوٽ ٿي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي پيپر وائرل ٿيڻ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن امتحان ملتوي ڪري ڇڏيو هو. پيپر آئوٽ ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڪنٽرولر، 2 ڪمپيوٽر آپريٽرن سميت 5 نائب قاصدن تي ڪيس داخل ڪرايو ويو هو. مذڪوره ڪيس عبالحفيظ لغاري جي او آر ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو.