اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن اين اي 15 مانسهره ۾ چونڊ نتيجن ۾ ڌانڌلي خلاف نوازشريف جي داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن اين اي 15 مانسهره تي ٻيهر چونڊن بابت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي درخواست تي گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلي واري ڪيس(ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ کيس اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسر کي 3 ڏينهن ۾ تڪ جو حتمي نتيجو جوڙڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته عام چونڊن ۾ اين اي 15 مانسهره تان نوازشريف کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شڪست ڏني هئي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار گستا سب خان 105249 ۽ نوازشريف 80382 ووٽ حاصل ڪيا هئا.