My WordPress Blog

آرمي چيف جي اي ايس پي شهربانو سان ملاقات، عورت کي هجوم کان بچائڻ تي شاباشي

0

راولپنڊي: (م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير اي ايس پي سيده شهربانو نقوي سان ملاقات ڪري هجوم کان عورت کي بچائڻ تي کيس شاباشي ڏني. بهادر عورت آفيسر شهربانو نقوي لاهور ۾ مڇريل هجوم کان عورت کي بچائيندي کيس حفاظت سان ڪڍيو هو. آرمي چيف بهادر پوليس آفيسر سان ملاقات ڪري سندس ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، عورتون معاشري جو املهه حصو آهن ۽ انهن جو احترام مذهب ۽ اسان جي معاشرتي قدرن ۾ به شامل آهي. هن چيو ته خدشن ۽ شڪايتن جي حل لاءِ قانوني رستو موجود هوندي قانون هٿ ۾ نه کنيو وڃي، بدعت جي بنياد تي پاڻمرادو ڪارروائيون معاشري جي نظريي کي ڪمزور ڪنديون آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.