My WordPress Blog

190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو

0

راولپنڊي: (م ڊ ) احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ بشريٰ بي بي کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ باني طرفان بيرسٽر سلمان صفدر، عمير نيازي ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي دليل ڏنا. ٻڌڻي جي موقعي تي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا. عدالت  ٻنهي جوابدارن جي موجودگي ۾ فرد جرم پڙهي ٻڌائي پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جج عمران خان کان سوال ڪيو ته اوهان تي فريم چارج ڪيو پيو وڃي، اوهان ٻڌايو ته اوهان ڏوهاري آهيو يا نه؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مون کي چارج شيٽ پڙهي ڇا ڪرڻو آهي مون کي خبر آهي ته انهي ۾ ڇا لکيل آهي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني چيو ته اسان انهي ڪيس ۾ دير نٿا چاهيون. 28 فيبروري کان اڳ نيب کي جلدي هئي، هاڻ اسان چاهيون ٿا ته سزا جلدي ملي. جج پڇاڻو ڪيو ته خان صاحب اوهان پهريان  اهو ٻڌايو ته اوهان جي ڏندن جو چيڪ اپ ٿيو يا نه؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اڃان تائين ڏندن جو چيڪ اپ نه ٿيو آهي. جيل انتظاميه چيو هو آچر جي ڏينهن ڊاڪٽر ايندو، هاڻ جيل انتظاميه چئي رهي آهي ته ايندڙ آچر تي ڊاڪٽر پاڻ ايندو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي 58 گواهن مان 5 گواهن کي شاهديون رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو. عدالت عمران خان جي طبي معائني ۽ ڏندن جي چيڪ اپ لاءِ جنرل فزيشن ۽ ڏندن جي ڊاڪٽر جي فراهمي واري درخواست منظور ڪري ورتي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.