My WordPress Blog

گوادر ۾ تيز برسات کان پوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، شهرين جي لڏ پلاڻ شروع

0

گوادر: (م ڊ ) گوادر ۾ تيز برسات کان پوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن جي نتيجي شهرين جو وڏو انگ لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. گوادر جي علائقي پراڻي آبادي، سربندن، ملبند وارڊ ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات سبب روڊ درياءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا. پاڻي گهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته گهرن ۾ رکيل قيمتي سامان پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ سبب شهرين کي نقصان پڻ برداشت ڪرڻو پيو. برساتن دوران ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي وڃڻ کان پوءِ عورتن ٻارن ۽ بزرگن سميت شهرين کي ٻين پاڙن، مدرسن ۽ ڊگهين عمارتن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. رپورٽ موجب گوادر جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي انتظاميه جا آفيسرن متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيا آهن. سامهون ايندڙ رپورٽن موجب سربندن ۽ گوادر ۾ ڪيتريون ئي ٻيڙيون ٻڏي ويون جنهن سبب مهاڻن جو روزگار به متاثر ٿيو آهي. گوادر شهر جي مختلف علائقن مان شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. لاڳيتو برسات پوڻ سبب مڪران ڪوسٽل هاءِ وي، گوادر ۽ سربندن روڊ پاڻي ۾ ٻڏي ويا. ان حوالي سان پي ڊي ايم اي سمورن ضلعن جي انتظاميه کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته کنوڻ سان وڌيڪ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ وڏي پيماني تي برفباري جو امڪان آهي. برسات ۽ برفباري جو سلسلو 29 فيبروري کان 2 مارچ تائين جاري رهندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.